ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 131 ماڻهو فوت

اسلام آباد: ملڪ ۾ڪورونا وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 131 ماڻهو فوت ٿي ويا، حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 9 هزار 987 ٿي ويو، ڪورونا جا 4 هزار 207 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جنهن بعد مريضن جو مجموعي انگ 8 لک 90 هزار 391 کان وڌي ويو، ڪورونا جا 8 لک 4 هزار 122 مريض وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا، اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسز جي مثبت شرح 8.22 سيڪڙو رهي، هن کان علاوه ملڪ ۾ هيل تائين مجموعي طور تي 11 لک 56 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪورونا وائرس جي وئڪسين لڳائي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔