ميانوالي:  ميانوالي جي علائقي کهگلانواله ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو جتي راند کيڏندي ڪار ۾ بند ٿيڻ سبب 4 ٻارڙا ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويا. پوليس موجب واقعو گذريل شام جو پيش آيو جڏهن 3 ٻارڙيون ۽ هڪ ٻار راند کيڏندي هڪ بيٺل گاڏي ۾ داخل ٿي ويا، انهي دوران گاڏي جو دروازو لاڪ ٿي ويو جنهن سبب ٻارڙا ٻاهر…
مزید پڑھیں ...
اسلام آباد:  پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ شفاف چونڊون ٿيون(ن) ليگ حڪومت ٺاهڻ جي لاءِ سادي اڪثريت به حاصل ڪري ورتي آهي. اسلام آباد ۾ وفاقي وزير امير مقام سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته (ن) ليگ 45 مان 23 سيٽن تي…
مزید پڑھیں ...
مظفرآباد:  آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي چونڊن جي ٻئين مرحلي ۾ هينئر تائين جي غير سرڪاري  ۽ غير حتمي نتيجن ۾ پاڪستان مسلم ليگ(ن) 14 سيٽن تي ڪاميابي سان ميدان ماري ورتو جڏهن ته پيپلز پارٽي جي حصي ۾ هينئر تائين جي غير سرڪاري غير نتيجن موجب 5 سيٽون آيون آهن. آچر تي آزاد جمون، ڪشمير قانونساز اسيمبلي…
مزید پڑھیں ...
واشنگٽن:  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ اڄ اهم ڳالهيون ٿينديون پر هن ڪنهن به امڪاني معاهدي جي لاءِ ڪابه حتمي ڊيڊ لائن ڏيڻ کان پاسو ڪيو آهي. نيوجرسي کان واشنگٽن واپسي جي دوران صحافين سان ڳالهين ۾ ٽرمپ چيو ته ايران سان ڳالهيون سومر جي ٻنپهرن جو شروع ٿينديون پر هن اهو…
مزید پڑھیں ...
اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف آزاد جمون، ڪشميرقانونساز اسيمبلي جي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي. آزاد جمون، ڪشمير چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ برتري تي وزيراعظم شهباز شريف مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ محمد نوازشريف ۽ ڪامياب اميدوارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ڪاميابين جو اهو تسلسل مسلم…
مزید پڑھیں ...
ڪراچي : پاڪستان جي ٽي وي شو هوسٽ مٿيرا چيو آهي ته اسان مڙسن (مرد کي) مشين بڻائي ڇڏيو آهي. حال ۾ ئي مٿيرا هڪ انٽرويو ڏنو جنهن ۾ هن زندگي جي مختلف پهلوئن سميت مردن ۽ عورتن جي حوالي سان گفتگو ڪئي. انٽرويو دوران هن مردن جو ساٿ ڏيندي چيو ته اسان جي سماج ۾ مردن سان تمام گهڻي زيادتي ٿئي ٿي. مونکي ائين…
مزید پڑھیں ...
گلاسگو:  پاڪستاني باڪسر فاطمه زهرا ڪامن ويلٿ گيمز ۾ ڪانسي جو تمغو (برونز ميڊل) کٽي ورتو آهي، هوءَ هن ايونٽ جي تاريخ ۾ باڪسنگ ۾ تمغو حاصل ڪندڙ پهرين پاڪستاني خاتون بڻجي وئي آهي.گلاسگو ۾ جاري ڪامن ويلٿ گيمز ۾ باڪسنگ جي 60 ڪلو گرام ڪيٽيگري جي سيمي فائنل ۾ پاڪستان جي فاطمه زهرا کي ڪينيڊين باڪسر شڪست…
مزید پڑھیں ...
ڪراچي: گوگل بي بي سي ويري فاءِ جي هڪ رپورٽ کانپوءِ پنهنجو نئون مصنوعي ذهانت (اي آءِ) وارو ٽول واپس وٺي ڇڏيو آهي، جيڪو ماڻهن کي گوگل جي سيٽلائيٽ تصويرن تي جعلي تصويرون ٺاهڻ جي اجازت ڏيندو هو. ماهرن خبردار ڪيو هو ته هن اوزار جو غلط استعمال ٿي سگهي ٿو ۽ اهو ڪوڙي ڄاڻ ڦهلائڻ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو.…
مزید پڑھیں ...
ڪراچي:اسپين، مراڪش کان لڳ ڀڳ 60 هزار لڏپلاڻ ڪندڙن جي سيوتا ۾ اچڻ کانپوءِ يورپي يونين جي ڪجهه ملڪن جي ردعمل کي “خودغرض، ورهاست پيدا ڪندڙ ۽ غيرقانوني” قرار ڏيندي سخت مذمت ڪئي آهي. عملدارن موجب، 30 جولاءِ تي سيوتا پهتل لڳ ڀڳ سڀئي ماڻهو واپس مراڪش موٽايا ويا آهن، جڏهن ته اسپين جي گهرو وزير فرننڊو…
مزید پڑھیں ...
اسلام آباد : فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جولاءِ 2026ع دوران مقرر ڪيل ٽارگيٽ (هدف) کان 40 ارب رپيا وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪيو آهي. ايف بي آر جي دستاويزن موجب، جولاءِ لاءِ ٽيڪس وصولين جو ٽارگيٽ 780 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو هو، جڏهن ته خالص وصوليون 820 ارب رپيا رهيون. دستاويزن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مجموعي…
مزید پڑھیں ...