اسلام آباد:  وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم واري وزير کي فوري طور تي ڪراچي پهچڻ ۽ تيل جي قيمتن جي حوالي سان عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اطلاعات، نشريات…
مزید پڑھیں ...
لاهور:  مشهور پاڪستاني اداڪاره ميرا جي پنهنجي گهر جي نوڪرياڻي سان هڪ وڊيو سامهون آئي آهي جنهن ۾ ٻئي هڪ ٻئي سان وڙهي رهيون آهن. سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ مبينه طور تي اداڪاره ميرا کي پنهنجي گهر جي نوڪرياڻي سان سخت جملن جي ڏي وٺ کان پوءِ انهي کي تشدد جو نشانو بنائيندي…
مزید پڑھیں ...
اسلام آباد: عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) کي پرچائڻ جي لاءِ حڪومت هارين تي آمدني ٽيڪس لڳائڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت زرعي انڪم ٽيڪس جي معاملي تي آءِ ايم ايف کي پرچائڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته صوبن کان زرعي انڪم ٽيڪس جي وصولي جي حدف جي حوالي سان متبادل پلان جون تياريون به…
مزید پڑھیں ...
ڪوئيٽا: سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ انٽيليجنس بنياد تي ڪيل ڪاررواين (آءِ بي او) دوران 9 کان وڌيڪ دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، سرڪاري ميڊيا اڱاري ڏينهن رپورٽ ڪيو. پاڪستان ٽي وي موجب، اهي ڪارروايون آپريشن رَدُ الفساد 3 تحت زيارت، هرنائي ۽ سوراب ۾ ڪيون ويون، جن دوران مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ گولا…
مزید پڑھیں ...
ليڊز: پاڪستاني ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي انگلينڊ خلاف 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ شرکت ميڊيڪل ٽيم جي ڪليئرنس سان مشروط ٿي وئي آهي.بابر اعظم کي گذريل هفتاوار پروفيشنل ڪائونٽي ڪلب سيليڪٽ الپين خلاف پاڪستان جي 3 ڏينهن واري پرئڪٽس ميچ دوران آڱر تي بال لڳي هئي.اهو واقعو 39ين اوور جي آخري…
مزید پڑھیں ...
انقره: ترڪي جو انقا ٿري اسٽيلٿ جنگي ڊرون هاڻي خودمختيار جهاز کڻي هلڻ ۽ انهن کي هوا مان لانچ ڪرڻ جي صلاحيت حاصل ڪرڻ جي وڌيڪ ويجهو پهچي رهيو آهي. تازو ئي ترڪ ايرو اسپيس انڊسٽريز (TUSAŞ) اهڙيون اڏامن جون تصويرون جاري ڪيون آهن، جن ۾ فلائنگ وِنگ UCAV پنهنجي پرن هيٺ ٻن جيٽ انجڻ وارن SÜPER ŞİMŞEK UAVs…
مزید پڑھیں ...
ڪراچي: وائيٽ هائوس سومر ڏينهن سي اين اين جي رپورٽر تي سخت تنقيد ڪئي، جڏهن هن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس هڪ معاون جي لاڳاپن بابت سوال ڪيو. اهو عورت صحافين خلاف حملن جي تازي سلسلي جو هڪ ٻيو واقعو آهي. اوول آفيس ۾ هڪ تقريب دوران رپورٽر ڪرسٽن هولمز، ٽرمپ کان ڊيموڪريٽڪ قانون ساز جي انهن تبصرن بابت…
مزید پڑھیں ...
تهران:ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ پاڪستان ۽ قطر جون ڪوششون جاري آهن، انهن کانسواءِ ٻيو ڪو به ثالث ناهي. هن وڌيڪ چيو ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت ۾ 60 ڏينهن جي مهلت پابندين جي خاتمي ۽ ايٽمي معاملي تي ڳالهين لاءِ مقرر ڪئي وئي هئي، پر آمريڪا…
مزید پڑھیں ...
اسلام آباد:  پرڏيهي وزات ڀاتي گهرو وزير طرفان ڀارت ۾ ٿيل ڪجهه گرفتارين سان پاڪستان کي جوڙڻ وارن الزامن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ڀارتي گهرو جي جا الزام بي بنياد آهن، اهڙي پروپيگنڊا مهم پاڪستان جي خلاف ڀارت جي بدنيتي تي ٻڌل مهم جو هڪ ٻيو مظهر آهي. پرڏيهي…
مزید پڑھیں ...
اسلام آباد: وفاقي وزير صحت مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته هر پاڪستاني جي هيپاٽائيٽس اسڪريننگ ٿيندي ۽ ٽيسٽ نه ڪرائيندڙ ملازمن جي پگهار روڪي ويندي. پريس ڪانفرنس ڪندي هن ٻڌايو ته مون پنهنجو به هيپاٽائيٽس ٽيسٽ ڪرايو  جيڪو منفي آيو، هن وفاقي صحت واري وزارت جي سمورن ملازمن جي لاءِ هيپاٽائيٽس سي ٽيسٽ لازمي قرار…
مزید پڑھیں ...