دنيا ۾ڪورونا وگهي وڌيڪ 2 هزار 889 ماڻهو فوت

ڪراچي : سڄي دنيا ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 2 هزار 889 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 97 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سموري دنيا ۾ڪورونا وائرس وگهي فوتگين جو انگ 3 لک 73 هزار 395 ٿي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن جو مجموعي تعداد 62 لک 47 هزار کان به وڌيڪ آهي. آمريڪا ۾ڪورونا وائرس وڌيڪ 614 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتگين جو انگ هڪ لک 6 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن جو مجموعي تعداد 18 لک 36 هزار کان وڌيڪ آهي. اٽلي ۾ڪورونا وائرس وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، جنهن بعد فوتين جو انگ 33 هزار 415 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 2 لک 32 هزار کان وڌيڪ ماڻهو بيماري ۾ورتل آهن. ڪورونا وائرس وگهي روس ۾وڌيڪ 138 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ 4 هزار 693 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 4 لک 5 هزار کان وڌيڪ ماڻهو وائرس جو شڪار آهن. ڪورونا وائرس فرانس ۾31، برازيل ۾267، ڀارت ۾223، ڪئنيڊا ۾221 ۽ ميڪسيڪو ۾364 ماڻهن کان حاتيون کسي ورتيون آهن. سموري دنيا ۾ڪورونا مريضن جي فوتگين بعد فوتين جو انگ 3 لک 73 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته 27 لک 82 هزار کان وڌيڪ ماڻهو وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا آهن.