ڇنڇر ۽ آچر تي مڪمل لاڪ ڊائون ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد :وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ختم، رابطا ڪميٽي پاران هفتي ۾ ڇنڇر ۽ آچر تي مڪمل لاڪ ڊائون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس بعد وزيراعظم عمران خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ووهان ۾ وائرس پکڙجڻ بعد ڊاڪٽرن سان مشورا ڪيا ويا. ووهان ۾ مڪمل طور لاڪ ڊائون ڪيو ويو هو. لاڪ ڊائون وائرس جو علاج ناهي. ملڪ ۾ 5 ڪروڙ ماڻهو ٻن وقتن جي ماني نٿا کائي سگهن. عمران خان چيو ته پاڪستان جون حالتون يورپ ۽ چين جهڙيون ناهن. اهڙو لاڪ ڊائون نه پيو چاهيان، جهڙو پاڪستان ۾ ٿيو. 18هين ترميم کانپوءِ صوبا فيصلن لاءِ بااختيار آهن. ويڪسين اچڻ تائين ڪورونا سان گڏ رهڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته گرمين ۾ تفريحي ماڳن کي سياحن لاءِ کولڻ گهرجي. امير ترين ملڪ به لاڪ ڊائون ختم ڪري ڇڏيو آهي. لاڪ ڊائون سبب معيشت تي وڏو اثر ٿيو آهي. لاڪ ڊائون وڌايو ته ملڪ ۾ غربت به وڌي ويندي. پرڏيهه مان واپس آيل ماڻهن جي ٽيسٽ ڪري گهر موڪليو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔