سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 22 مريض فوت

ڪراچي : سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 22 مريض فوت ٿي ويا آهن، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڊيو پيغام ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت ٻڌايو آهي ته سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 22 ڪورونا وائرس جا مريض فوت ٿي ويا آهن، هن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 1402 ۾ نوان ڪيس سامهون آيا آهن، هن وقت ڪورونا جي 342 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، سنڌ ۾ هيل تائين 29 هزار 647 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته عوام احتياط نه پيو ڪري، ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن. 14 سئو 2 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صوبي ۾ وائرس سٽيلن جو انگ 29 هزار 647 ٿي ويو آهي، صوبي ۾ هيل تائين 14 هزار 590 مريض صحتياب ٿيا آهن، هن چيو ته ڪراچي ۾ هڪ هزار 28، سکر ۽ گهوٽڪي ۾ 46-46 نوان ڪيس ظاهر، لاڙڪاڻو ۾ 38، حيدرآباد ۾ 25، ميرپور خاص ۾ 21، جيڪب آباد ۾ 12، خيرپور ۽ ڄامشورو ۾ وڌيڪ 8-8 ڄڻا وائرس جو شڪار ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔