سُپريم ڪورٽ ڊئم فنڊ لاءِ مليل رقم جا تفصيل طلب ڪري ورتا

اسلام آباد :سُپريم ڪورٽ اسٽيٽ بئنڪ کان ڊئم فنڊ لاءِ پرڏيهه مان مليل رقم جا تفصيل طلب ڪري ورتا، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڊئم جي مامري ۾ ڪنهن سان به زيادتي نه ٿيندي ۽ جيڪا زمين استعمال ڪئي پئي وڃي، اُن جو مسئلو به حل ڪيو ويندو، ٻڌڻيءَ دوران اسٽيٽ بئنڪ جي اختيارين عدالت کي آگاهي ڏني آهي ته ڊئم فنڊز جي حوالي سان سفارتخانن کي خط لکيا ويا آهن، ڊئم فنڊ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ استعمال ڪيو وڃي ته گهڻو نفعو ملندو، عدالت چيو آهي ته خط لکڻ سان ڇا ٿيندو؟ فون تي رابطا ڪيا وڃن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔