پيٽرول سستو ٿيڻ جو رليف عوام کي نه ملي سگهيو

ڪراچي: ملڪ ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ جو رليف عوام کي نه ملي سگهيو آهي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پهرئين ڏينهن تي ئي پيٽرول پمپس بند ٿي ويا، ڪراچي، ميرپور خاص، حيدرآباد، دادو، نوشهروفيروز، گهوٽڪي، ڀريا سٽي، ٺري ميرواهه ۽ ٻين شهرن ۾ شهري پيٽرول لاءِ پريشان ٿي ويا، پيٽرول پمپس جا چڪر هڻندڙ شهرين جو چوڻ هو ته حڪومت پيٽرول جي نوَن اگهن تي عمل يقيني بڻائي ۽ زيادتي ڪندڙ پيٽرول پمپس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، پيٽرول سستو ٿيندو آهي ته هٿ سان پمپ بند ڪري اسان کي پريشان ڪيوويندو آهي، حڪومت طرفان پيٽرول سستو ٿيڻ بعد نئين قيمت 74 رپيا 52 پيسا في لٽر، لائيٽ ڊيزل 9 رپيا 37 پيسا ۽ گاسليٽ 11 رپيا 88 پيسا سستو ڪيو ويو آهي پر ان جو فائدو عوام کي ناهي ملي سگهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔