موسميات کاتي اڄ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب پنجاب، خيبرپختونخواهه، ڪشمير، گلگت بلتستان، بلوچستان ۽ اسلام آباد ۾ طوفان ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي. ملڪ جي مختلف هنڌن تي تيز برسات سان گڏ ڳڙو به پئجي سگهي ٿو.

سنڌ جي مختلف هنڌن تي به تيز هوائون هلڻ کان علاوه کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران وفاقي گادي واري شهر سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ کنوڻ ۽ تيز هوائن سان برسات پئي. جنهن کان پوءِ موسم خوشگوار ٿي ويو.

موسميات کاتي موجب راولا ڪوٽ ۾ 26 ملي ميٽر، مالم جبه ۾ 19 ملي ميٽر، ملتان ۾ 18 ملي ميٽر، مري ۾ 11 ملي ميٽر، مظفر آباد ۾ 09 ملي ميٽر، ڪوٽلي ۽ پارا چنار ۾ 07 ملي ميٽر، ڳڙهي دوپٽه ۾ 06 ملي ميٽر، بگروٽ ۾ 08 ملي ميٽر، چلاس ۾ 05 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

جڏهن ته سنڌ جي ضلعي دادو ۾ به 02 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. سڀني کان وڌيڪ گرمي بلوچستان ۽ سنڌ ۾ رڪارڊ ڪئي وئي. تربت ۾ 44 ڊگري سينٽي گريڊ، دادو ۾ 42، سبي ۽ جيڪب آباد ۾ 41 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔