قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بيرسٽر فروغ نسيم  پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب  قانون  ۽ انصاف واري وفاقي وزير بيرسٽر فروغ نسيم پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ هاڻ هو سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريفرنس ۾ وفاق جي نمائندگي ڪندو.

بيرسٽر فروغ نسيم ان ڳالهه جي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته مان پنهنجو استعيفيٰ وزيراعظم کي پيش ڪري ڇڏي آهي.

واضح رهي ته فروغ نسيم آرمي چيف جي ملازمت واري  مدي بابت ڪيس ۾ به وزارت تان استعيفيٰ ڏئي عدالت سڳوري ۾ پيش  ٿيو هو پر بعد ۾ هن ٻيهر پنهنجو عهدو سنڀالي ورتو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔