وفاقي حڪومت انساني حياتين کان وڌيڪ معيشت کي اوليت ڏئي رهي آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ترجمان بيرسٽر مرتضيٰ وهاب پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان جي پريس ڪانفرنس تي سخت رد عمل جو اظهار ڪيو آهي.

گذريل ڏينهن خرم شير زمان پريس ڪانفرنس دوران سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو هو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون وڌائڻ جي طرف ويندي ته ان جي مخالفت ڪنداسين. 

خرم شير زمان جي پريس ڪانفرنس کان پوءِ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب ٽوئٽر تي پنهنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته شايد انساني حياتيون وفاقي حڪومت جي ترجيح ناهن.  سندن ترجيح پهريان معيشت بچائڻ آهي.

هن چيو ته وفاق اسان جي ڳالهه نه ٻڌي، سخت لاڪ ڊائون هجي ها ته اڄ صورتحال مختلف هجي ها. هن چيو ته احتياطي تدبيرن ۾ لاپرواهي سبب ڪورونا جي ڪيسن ۾ واڌ ٿي آهي ڇو ته اسان جا ڪجهه سياستدان پاڻ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته عدالتي فيصلي موجب صوبي کي وفاق جي فيصلن تي عمل ڪرڻو ئي پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔