شاهد خاقان عباسي کنڊ بحران بابت رپورٽ تي لاڳيتو ڪوڙ ڳالهائي پيو:شهزاد اڪبر

اسلا آباد: احتساب بابت وزيراعظم جي خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو آهي ته شاهد خاقان عباسي کنڊ بحران بابت رپورٽ تي لاڳيتو ڪوڙ ڳالهائي پيو، وزيراعظم عمران خان کنڊ تيسبسڊي نه پر ايڪسپورٽ جي اجازت ڏني، ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم کي چارج شيٽ ڪيو آهي، کيس جواب ڏيڻو پوندو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو ته شاهد خاقان عباسي کنڊ جي پيداوار جو صحيح ڪاٿو لڳائڻ بنا 24 ڪلاڪن جي نوٽيس تي کنڊ مٿان 20 ارب رپين جي سبسڊي شوگر ملز کي ڏني جيئن کنڊ ٻاهر موڪلي سگهجي. هن چيو ته شاهد خاقان عباسي ڪميشن ۾ سبسڊي جي حق ۾ ڪو جواب ڏئي سگهيو نه ئي ڪي دستاويز پيش ڪيا. شهزاد اڪبر چيو ته شاهد خاقان عباسي پنهنجي مالڪ شهباز شريف جو ايترو وفادار آهي جو سليمان يا حمزا شهباز جي چوڻ تي 20 ارب رپين جي سبسڊي ڏئي ڇڏي، اهو هوندو آهي لائق ۽ وفادار شخص. سندس چوڻ هو ته کنڊ تي سبسڊي واري معاملي تي سنڌ به پنهنجو حصو شامل ڪيو، ڪميشن سنڌ جي وڏي وزير کي به طلب ڪيو پر هو پيش نه ٿيو. احتساب بابت وزيراعظم جي خاص مددگار چيو ته وزيراعظم عمران خان سبسڊي نه پر اي سي سي جي منظوري بعد کنڊ ٻاهر موڪلڻ جي اجازت ڏني هئي، ملڪ کي ناڻي جي ضرورت هئي، وڌيڪ کنڊ هجڻ سبب ٻاهر موڪلي سگهجي پئي. هن چيو ته ڪميشن کنڊ بحران جو اصل سبب مارڪيٽ ۽ شوگر ملز جي ڳٺ جوڙ کي قرار ڏنو، رپورٽ ۾ شهباز شريف جي ڪارنامن جو به ذڪر آهي. شهزاد اڪبر چيو ته شهباز شريف جي وڏ وزارت دوران العريبيه شوگر ملز هارين کي سوا ارب رپيا گهٽ ڏنا، جنهن جو انڪشاف اسپيشل برانچ جي رپورٽ ۾ ٿيو، ان کان وڌيڪ ثبوت ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته شهباز شريف خادم اعليٰ هو پر هن ٽجوڙيون پنهنجي خاندان لاءِ ڀريون، شگر ملز جي رڳو ٽيڪس چوري ڏٺي وڃي ته اربين رپين جي رڪوري ٿي سگهي ٿي .سندس چوڻ هو ته العريبيه شوگر ملز ۾ ليجر جا ٻه بُڪ هئا، جن تي اين ۽ آر لکيل هو، اين جو مطلب ڪمند خريد ڪيو ويو ۽ کنڊ به ٺاهي وئي پر ان کي ظاهر نه ڪيو ويو. احتساب بابت وزيراعظم جي خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو ته شهباز شريف خلاف ريفرنس داخل ٿيڻ وارو هو جنهن جي خوف کان هن پاڻ کي آئسوليٽ ڪري ڇڏيو، سندس ڀڄڻ جا سمورا رستا بند ٿي چڪا آهن، هاڻ هو لنڊن به وڃي نه سگهندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔