قاهرهه : غزه ۾ اسرائيل جي بي انتها بربريت کان پوءِ جنگ بندي جو معاهدو اڄ پاڪستاني وقت مطابق 2:00 وڳي لاڳو ٿيو، جنهن جو عالمي اڳواڻن پاران استقبال ڪيو ويو آهي، مصري پرڏيهي وزارت چيو آهي ته غزه جنگ بندي جو معاهدو هڪ اهم لمحو آهي، شرم الشيخ ۾ مثبت پيش رفت غزه جنگ ۾ هڪ موڙ جي نمائندگي ڪري ٿي، مصري پرڏيهي وزير بدر عبدالعطي اڄ پيرس لاءِ روانو ٿيندو، وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو،مصري صدر چيو ته غزه ۾ جنگ بندي قائم ڪرڻ ۽ جنگ ختم ڪرڻ لاءِ هڪ معاهدو ٿي چڪو آهي. هڪ اسرائيلي عهديدار موجب غزه مان 20 اسرائيلي يرغمالين جي آزادي آچر يا سومر تي متوقع آهي.