فاطمه ڪيس ۾ ملوث سمورا جوابدار ۽ سھولتڪار گرفتار ڪيا ويندا:گهرو وزير/ آءِ جي سنڌ

خانواهڻ : نگران گهرو وزير حارث نواز  ۽ آءِ جي سنڌ پوليس رفعت مختار راڻيپور جي حويلي ۾ تشدد ڪري ماريل ٻارڙي فاطمه جي گهر پهچي ويا

خانواهڻ ڀرسان ڳوٺ علي ڦرڙو پهچي آءِ جي سنڌ رفعت مختار ۽ گهرو وزير حارث نواز متاثر خاندان سان ملاقات ڪري معصوم ٻارڙي فاطمه جي قتل تي تعزيت ڪئي ۽ واقعي بابت تفصيل معلوم ڪيا

 نگران گهرو وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فاطمه ڪيس ۾ ملوث سمورا جوابدار ۽ سھولتڪار گرفتار ڪيا ويندا، سنڌ حڪومت ھن معاملي ۾ پر عزم ۽ چوڪس آهي، ڪو  به دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو،پوليس جوابدارن جو گھيرو تنگ ڪري ڇڏيو آھي

 مقتول ٻارڙي فاطمه جي ماءُ  شبانا ڦرڙو نگران گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ پوليس کي چيو ته اسان کي ٻيو ڪجهه به نه کپي، بس ڌيءَ جي قاتلن کي ڦاهي تي لٽڪايو وڃي