شهباز شريف ڏيهه پهچڻ جي ٻئي ڏينهن نواز شريف لاءِ نياپو کڻي مريم نواز سان گڏ لنڊن روانو

لنڊن :اڳوڻو وزيراعظم شهباز شريف ڏيهه پهچڻ جي ٻي ڏينهن نواز شريف لاءِ اهم نياپو کڻي پنهنجي ڀائيٽي مريم نواز سان گڏ لنڊن روانو

 شهباز شريف لنڊن مان واپس اچڻ بعد پاڪستان ۾ رڳو هڪ ڏينهن گذاريو، شهباز شريف ۽ ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز اڄ صبح اوچتو وري لنڊن روانا ٿي ويا

 ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف نواز شريف لاءِ اهم پيغام کڻي لنڊن ويو آهي، شهباز شريف برطانيا پهچڻ بعد لنڊن ۾ شريف خاندان ۽ ن ليگ قيادت جو اهم اجلاس ٿيڻ جا امڪان آهن

 مريم نواز ۽ ٻيا ليگي اڳواڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪندا، اجلاس ۾ نواز شريف جي 21 آڪٽوبر تي واپسي جي پروگرام سوڌو ٻين اهم معاملن تي صلاح مشورا ڪيا ويندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔