سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ نيب ڪيس بحال: ڪاررواين لاءِ ڳجهن ادارن کان مدد وٺڻ جو فيصلو

اسلام آباد: نيب پراسيڪيوٽر سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ڪيسز جو سمورو رڪارڊ اڄ ئي احتساب عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي جنهن کان پوءِ نيب جي ٽيم ڪيسز جو سمورو رڪارڊ کڻي احتساب عدالت پهچي وئي آهي.

اربين روپين جي ماليت جا ڪرپشن ڪيس ٻيهر کولڻ کان پوءِ نيب جي ٽيم وڌيڪ اهم فيصلا ڪري ورتا آهن. نيب چيئرمين ڪرپشن جي خلاف ڪارروائين لاءِ ڳجهن ادارن جي آفيسرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نيب اهم عهدن تي  مقررين جي لاءِ ڊيپوٽيشن تي ڳجهن ادارن جي آفيسرن کان مدد گهري ورتي آهي.

ڳجهن ادارن جا آفيسر ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ نيب ۾ ڪم شروع ڪري ڇڏيندا. نيب چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل(ر) نذير احمد جي منظوري سان ڳجهن ادارن جي آفيسرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ خط لکيو ويو آهي. نيب اختيارين ٻڌايو آهي ته نيب ۾ سمورين خالي ڳجهين تي فوري طور تي مقرريون ڪيون وينديون. ڊپٽي چيئرمين نيب ۽ پراسيڪيوٽر جنرل جي عهدن تي به مستقل آفيسرن جون مقرريون ڪيون وينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔