نگران وزيراعظم جي آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سان ملاقات، ٽيڪسن ۾ غريبن کي تحفظ ڏيڻ تي اتفاق

نيويارڪ: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان ملاقات ڪئي.

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان جي معيشت کي سهارو ڏيڻ جي لاءِ آءِ ايم ايف طرفان 3 بلين آمريڪي ڊالر جي اسٽينڊ باءِ ايگريمينٽ جي منظوري تي ٿورو ادا ڪيو

انوارالحق ڪاڪڙ آءِ ايم ايف جي ايم ڊي کي پاڪستان جي حڪومت طرفان ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ بحالي جي لاءِ کنيل مختلف قدمن کان آگاهه ڪندي چيو ته اهڙن قدمن جو مقصد پائيدار اقتصادي ترقي ۽ سرمائيڪاري جي لاءِ هڪ مستحڪم ۽ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ آهي. معاشري جي ڪمزور طبقن جي حفاظت تي ڌيان ڏنو ويو آهي

آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا معيشت جي بحالي لاءِ پاليسين ۽ اصلاحات جي نفاذ ۾ پاڪستان جي ڪوششن جي تعريف ڪندي چيو ته آءِ ايم ايف پاڪستان سان لاڳاپن کي جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ڪرسٽالينا جارجيوا چيو ته ملاقات ۾ اسان ٽيڪس وصولي کي ترجيح ڏيڻ ۽ پاڪستان ۾ ڪمزور ماڻهن جو تحفظ يقيني بنائڻ جي لاءِ مضبوط پاليسين جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ٽيڪس جمع ڪرڻ ۾ ڪمزورن جو تحفظ ڪيو وڃي جڏهن ته اميرن کان ٽيڪس ورتو وڃي.

ٻئي طرف نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ازبڪستان جي صدر ۽ مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس سان پڻ ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون آهن. انوارالحق ڪاڪڙ مائيڪروسافٽ جي باني بل گيٽس سان ملاقات ۾ پاڪستان ۾ پوليو مهم بابت ڳالهيون  ڪيون ويون.

ان دوران ڳالهيون ڪندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان پوليو وائرس جي روڪٿام جي لاءِ پرعزم آهي. بل گيٽس چيو ته پاڪستان  مان پوليو وائرس جو مڪمل طور تي خاتمو اسان جي اولين ترجيح آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔