چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ عدالتي وقت ضايع ڪرڻ تي وڪيل مٿان 5 هزار روپيه ڏنڊ لڳائي ڇڏيو

اسلام آباد: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ دڪانن جا ڀاڙا ۽ ملڪيت منتقلي واري ڪيس ۾ درخواستگذار جي وڪيل مٿان وقت ضايع ڪرڻ تي 5 هزار روپيه ڏنڊ لڳائي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ۾ دڪانن جي ڪرائي ۽ ملڪيت منتقلي ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٿي جنهن ۾ ٻڌڻي دوران عدالت وڪيل محمد شعيب خان کان ڪيترائي ڀيرا دستاويزن جو پڇيو جنهن تي وڪيل عدالت ۾ دستاويز پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته وڪيل لاڳاپيل دستاويز ڏيکارڻ جي بجاءِ عدالت جو وقت ضايع ڪيو ۽ عدالت کي گمراهه ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي. اوهان جي اهڙي عمل سان عدالت کي اوهان تي  ڀروسو نه رهيو آهي.

چيف جسٽس پاڪستان چيو ته عدالت جو وقت ضايع ڪرڻ تي اوهان جي مٿان هڪ لک روپيه ڏنڊ لڳائڻ گهرجي. جنهن کان پوءِ عدالت وڪيل تي 5 هزار روپيه ڏنڊ لڳائيندي ڏنڊ جي رقم پنهنجي مرضي جي خيراتي اداري ۾ جمع ڪرائي رسيد عدالت ۾ ڏيڻ  جي هدايت ڪئي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔