خانواهڻ : نگران گهرو وزير حارث نواز ۽ آءِ جي سنڌ پوليس رفعت مختار راڻيپور جي حويلي ۾ تشدد ڪري ماريل ٻارڙي فاطمه جي گهر پهچي ويا
خانواهڻ ڀرسان ڳوٺ علي ڦرڙو پهچي آءِ جي سنڌ رفعت مختار ۽ گهرو وزير حارث نواز متاثر خاندان سان ملاقات ڪري معصوم ٻارڙي فاطمه جي قتل تي تعزيت ڪئي ۽ واقعي بابت تفصيل معلوم ڪيا
نگران گهرو وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فاطمه ڪيس ۾ ملوث سمورا جوابدار ۽ سھولتڪار گرفتار ڪيا ويندا، سنڌ حڪومت ھن معاملي ۾ پر عزم ۽ چوڪس آهي، ڪو به دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو،پوليس جوابدارن جو گھيرو تنگ ڪري ڇڏيو آھي
مقتول ٻارڙي فاطمه جي ماءُ شبانا ڦرڙو نگران گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ پوليس کي چيو ته اسان کي ٻيو ڪجهه به نه کپي، بس ڌيءَ جي قاتلن کي ڦاهي تي لٽڪايو وڃي