راولپنڊي ۾ شيخ رشيد جي رهائشگاهه لال حويلي کي سيل ڪيو ويو

راولپنڊي: عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جي لال حويلي کي سيل ڪيو ويو آهي.

راولپنڊي جي ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر آصف خان جي سربراهي ۾ اڄ صبح جو بهابڙا بازار ۾ قائم لال حويلي تي ڪارروائي ڪئي وئي. لال حويلي جا گرائونڊ فلورز، مرڪزي احاطا، مهمان خانا، سياسي بيٺڪ ۽ 7  دڪانن کي سيل ڪيو ويوآهي.

ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر چيو ته شيخ رشيد جي لال حويلي مڪمل سيل ڪري پراپرٽي جو حق سرڪار ضبط ڪرڻ جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. لال حويلي پراپرٽي 3 مختلف يونٽس تي ٻڌل آهي. شيخ رشيد دفاع ۾ جيڪي ڪاغذ پيش ڪيا اهي قبول ڪرڻ جوڳا نه هئا. چيئرمين بورڊ پاران رجسٽري رد ڪرڻ واري فيصلي کان پوءِ ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

لال حويلي جي سمورن تالن تي ٻيا  تالا لڳائي سيل ڪيو ويو. ان موقعي تي پوليس جي وڏي نفري موجود هئي. عوامي مسلم ليگ جو سياسي سيڪريٽريٽ به لال حويلي ۾ موجود هو جنهن کي سيل ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي انتظاميه کي ڪنهن به مزاحمت کي منهن نه ڏيڻو پيو. شيخ رشيد جو ڪوبه ڪارڪن يا ووٽر سامهون نه آيو.

شيخ رشيد جي ذاتي ملازم ڳالهيون ڪندي چيو ته شيخ رشيد کي سياسي انتقام جو نشانو بنايو ويو آهي. شيخ رشيد پاڻ حڪم ڏنو ته ڪنهن به ڪارروائي ۾ مزاحمت نه ڪرڻي آهي ان لاءِ ڪابه مزاحمت نه ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔