برسات کان پوءِ ڪراچي جا 45 فيڊراڃان تائين بحال نه ٿي سگهيا آهن:ڪي اليڪٽرڪ

ڪراچي: ڪراچي کي بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ جو چوڻ آهي ته برساتن کان پوءِ شهر ۾ پاڻي هيٺ آيل علائقن جا 45 فيڊرز اڃان  تائين بحال نه ٿي سگهيا آهن.

ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته برساتن جو پاڻي جمع ٿيڻ سبب يونيورسٽي روڊ ۽ گلستان جوهر  متاثر ٿيا آهن. بلديه ۾ به  برساتن جو پاڻي جمع ٿيڻ تي بجلي جي فراهمي بند آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته بن قاسم  جي به مختلف علائقن  کي بجلي جي فراهمي بند آهي. جڏهن ته پي اي سي ايڇ ايس سوسائٽي جي ڪجهه بلاڪن ۾ پاڻي جي نيڪالي نه ٿيڻ سبب بجلي بحال نه ٿي سگهي آهي.

اورنگي ٽائون ۽ ڪورنگي ۾ پاڻي هيٺ آيل علائقن ۾ بجلي جي سپلاءِ اڃان تائين بند آهي. جڏهن ته سرجاني جي علائقن ۾ به برسات جو پاڻي جمع ٿيڻ سبب بجلي جي فراهمي اڃان تائين معطل آهي. ڪي اليڪٽرڪ جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڊفينس جي هيٺاهين علائقي جو هڪ فيڊر متاثر ٿيو آهي جڏهن ته گلشن اقبال جي به هڪ بلاڪ ۾ پاڻي جمع هجڻ سبب بجلي بند آهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ تيز برساتن کان پوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو پر روڊن تي پاڻي جمع ٿيڻ سبب شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو. ان کان علاوه ڪراچي ۾ برسات شروع ٿيندي ئي شهر جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔