اپوزيشن نيب چيئرمين جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ جي حمايت نه ڪندي: اياز صادق

اسلام آباد: مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته متحده اپوزيشن نيب چيئرمين جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ جي حمايت نه ڪندي.

رپورٽ موجب خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي اياز صادق چيو ته متحده اپوزيشن کي ڊپٽي چيئرمين ۽ نيب جي پراسيڪيوٽر جنرل جي مدي ۾ ُاڌ جي تجويز به قبول نه آهي. هن چيو ته نيب قانون ۾ مجوزه ترميم جي مسودي ۾ نيب چيئرمين، ڊپٽي چيئرمين ۽ نيب پراسيڪيوٽر جنرل نيب جي ملازمت ۾ واڌ جي شق شامل آهي.

مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻن چيو ته مسودو حڪومتي ڪميٽي غور جي لاءِ اپوزيشن جي حوالي ڪيو هو. نيب قانون ۾ تبديل جي لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن جو اجلاس اڄ شام جو ٿيندو. ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته حڪومت نيب قانون ۾ تبديلي جي لاءِ تيار رهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔