وزيراعظم عمران خان اڄ قوم کي خطاب ڪري عيد الاضحيٰ تي لاڪ ڊائون بابت اعتماد ۾ وٺندو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان اڄ قوم کي خطاب ڪندو ۽ عيدالاضحيٰ تي لاڪ ڊائون جي صورتحال بابت قوم کي اعتماد ۾ وٺندو.

وزيراعظم خطاب کان اڳ لاڳاپيل ادارن جي ماهرن سان صلاح مشورا ڪندو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪورونا بابت اجلاس ڏينهن جو 3 وڳي ٿيندو. اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان کي ڪورونا جي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي. اجلاس ۾ اسد عمر، چيئرمين اين ڊي ايم اي ۽ لاڳاپيل ادارن جون اختياريون شرڪت ڪنديون.

عمران خان کي ڪورونا ڪيسن جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ پکيڙ گهٽ ٿيڻ تي بريفنگ ڏني ويندي. قوم سان خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان ايس او پيز تي عمل يقيني بنائڻ تي زور ڏيندو. ياد رهي ته عيدالفطر تي عوام لاڪ ڊائون تي پوري طرح عمل نه ڪيو هو جنهن سبب ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ ٿي هئي.

عيدالاضحيٰ جي موقعي تي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا وڃن.  عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ايس او پيز تي عمل يقيني بنائڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان اڄ قوم کي خطاب ڪندو ۽ لاڪ ڊائون جي صورتحال بابت قوم کي اعتماد ۾ وٺندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔