اسلام آباد ۾ عيد جي موڪلن تائين سمورا تفريحي ماڳ بند

اسلام آباد: وفاقي گادي واري شهر ۾ عيد جي موڪلن تائين سمورا تفريحي هنڌ بند ڪيا ويا. 

رپورٽ موجب اسلام آباد جي ڊپٽي ڪمشنر حمزه شفقت سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي آگاهي ڏني آهي ته اڄ کان عيد الاضحيٰ جي موڪلن تائين اسلام آباد جا سمورا تفريحي هنڌ بند رهندا.

هن چيو ته تفريحي هنڌ ڪورونا کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ بند رهندا. مري ايڪسپريس وي، مارگله پارڪس، پڪنڪ هنڌ ۽ هل اسٽيشن بند رهندا.

ڊپٽي ڪمشنر عوام کي گذارش آهي ته هو گهمڻ ڦرڻ جي رٿابندي نه ڪن. گذريل ڏينهن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار عيدالاضحيٰ جي موقعي تي صوبي ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. 

پنجاب جي چيف سيڪريٽري جواد رفيق جي سربراهي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اسمارٽ لاڪ ڊائون اڳواٽ اعلان جي بجاءِ اوچتو ڪيو ويندو جڏهن ته  سڄي صوبي ۾ مارڪيٽون ۽ پلازا عيد کان هڪ يا ٻه ڏينهن اڳ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔