غيرقانوني مال پِڙي ختم ڪرڻ لاءِ 29 جولاءِ تائين مهلت

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ لياري ۾ غيرقانوني طور مال پڙي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ڊي سي ويسٽ پيش ٿيو، انتظاميه عدالت کي ٻڌايو ويو ته ٻڪرا پڙي ختم ڪئي وئي آهي، عدالت جو چوڻ هو ته ڇا اخبار ۾ لڳل خبر ڪوڙي آهي، هاڻي ئي حقيقتون معلوم ڪريون ٿا، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته انتظاميا وڌيڪ مهلت وٺي عيد جي سيزن ڪڍڻ چاهي ٿي، ان تي عدالت ڊي سي ويسٽ کي غيرقانوني پڙي ختم ڪرڻ لاءِ 29 جولاءِ تائين ملهت ڏئي ڇڏي آهي، ٻئي پاسي ڪراچي جِم خانه جي اڏاوت روڪڻ خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي، منظور ڪناسرو ۽ ٻين معافي گهري ورتي آهي، منظور ڪناسرو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڄاڻي واڻي حڪم تي عمل ناهي ڪيو، عدالت جو احترام ڪريون ٿا، معاف ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔