جج ارشد ملڪ جي وڊيو اسڪينڊل واري ڪيس مان دهشتگردي جا قلم خارج

اسلام آباد: اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جج ارشد ملڪ جي وڊيو اسڪينڊل واري ڪيس مان دهشتگردي جا قلم خارج ڪري ڇڏيا، عدالت طرفان ڪيس مان دهشتگردي جا قلم خارج ڪرڻ لاءِ داخل درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو جاري، جج راجا جواد عباس حسن طرفان جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته وڊيو اسڪينڊل تي دهشتگردي جو ڪيس نٿو ٺهي، تنهن ڪري اُن مان دهشتگردي جا قلم خارج ڪيا ويا آهن، هاڻي سائيبر ڪرائيم بابت خصوصي عدالت ۾ ڪيس تي ڪارروائي ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔