برسات ۾ ٻڏل ڪراچي جون وڊيوز ۽ متاثرن کي لاچار ڏسي دل روئي رهي آهي:وسيم اڪرم

ڪراچي :برسات ۾ ٻڏل ڪراچي جون وڊيوز ۽ متاثرن کي لاچار ڏسي دل روئي رهي آهي، اڳوڻي ڪرڪيٽر وسيم اڪرم ڪراچي جي بدترين صورتحال تي افسوس ظاهر ڪندي چيو آهي ته ڪراچي کي هڪ ڀيرو برسات ۾ ٻڏل ڏسي ڪا حيرت نه ٿي آهي، ڪراچي ۾ پاڻي جي نيڪال واري نظام کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان کي پنهنجي شهر جي خوبصورت ٻيهر بحال ڪرڻي پوندي، صوبائي وزير ناصر شاهه ڪرڪيٽر جي ٽوئيٽ تي چِڙي پيو، ناصر شاهه وسيم اڪرم کي ڪراچي جي دوري جي دعوت ڏيندي چيو ته جيڪڏهن هو مخلص آهي ته ڪراچي جو دورو ضرور ڪري، وسيم اڪرم ٻڌل ڳالهين تي بيان ڏنو آهي ته اُن کان وڌيڪ غير ذميواري ڪير به نه هوندو، سندس غير ذميواراڻي بيان سان عوام کي مايوسي ٿي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔