ڪراچي جي واپارين پاران بازارون دير تائين کولڻ جو مطالبو

ڪراچي: ڪراچي جي واپارين مارڪيٽون رات دير تائين کولڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب ڪراچي جي واپاري تنظيمن مارڪيٽون ڇنڇر ۽ آچر تي رات جو دير تائين کولڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۽ وفاقي حڪومتون  ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪن.

واپاري اڳواڻن چيو ته ڪراچي واپار جو مرڪز آهي ان لاءِ هتي واپاري سرگرمين جي بحالي جي اجازت ڏني وڃي. چار ڏينهن اڳ ڪراچي جي واپارين دعويٰ ڪئي هئي ته حڪومت آچر جي ڏينهن بازار کولڻ جي اجازت ڏيڻ جي لاءِ ايس او پيز گهري ورتا آهن.

رپورٽ موجب آل سٽي واپاري اتحاد ۽ ڪمشنر ڪراچي جي وچ ۾  هلندڙ ڳالهيون ختم ٿيون ته واپارين  صحافين کي ٻڌايو ته اسان کي ايندڙ هڪ هفتي ۾ مسئلا حل ڪرڻ جي يقين دهاني ڪرائي وئي آهي. شرجيل گوپلائي جو چوڻ هو ته ڪجهه بازارن کي ايس او پيز سان گڏ کولڻ جي اجازت ملي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔