شهباز شريف جو پٽ سلمان شهباز شريف خاندان جي سڀني کان وڌيڪ امير ماڻهن ۾ شامل

اسلام آباد: اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جو پٽ سلمان شهباز خاندان جي امير ترين  ماڻهن ۾ شامل آهي.

نيب ذريعن موجب سلمان شهباز فيملي جي 16 ڪمپنين ۾ 2 ارب 56 لک 22 هزار 700 شيئرز جو مالڪ آهي ۽ هن 8 ڪمپنين ۾ 51 ڪروڙ 15 لک 97 هزار 806 روپين جي سرمائيڪاري به ڪئي آهي.

سلمان شهباز وٽ چنيوٽ پاور ۾ هڪ ارب 70 ڪروڙ 86 لک 36 هزار جا شيئرز آهن جڏهن ته ان وٽ چنيوٽ  يوسي بهوانه ۾ ڪروڙين روپين جي ماليت جي 209 ڪئنال زرعي ايراضي به شامل آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔