پي ٽي آءِ جي 2 سالن جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي: سراج الحق

ڪراچي :جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي 2 سالن جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي. ڪراچي ۾ ڳالهائيندي جماعت اسلامي جي امير چيو ته حڪومت ڪنهن نه ڪنهن بحران ۾ مبتلا رهي. جماعت اسلامي جي امير مطابق موجودهه حڪومت جي دور ۾ کنڊ ۽ اٽو غائب رهيا، عوام کي ٽماٽا 300 کان 400 رپيا في ڪلوگرام خريد ڪرڻا پيا. هڪ سوال جي جواب ۾ سراج الحق چيو ته ڪلڀوشن خلاف حڪومت جي نرم رويي جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته ڪلڀوشن ياديو کي ڪنهن به صورت ۾ آزاد ٿيڻ نه ڏينداسين….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔