بلاول جو اختر مينگل سان فون تي رابطو، اي پي سي بابت ڳالهيون

لاهور : پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بلوچ قومپرست اڳواڻ اختر مينگل سان فون تي رابطو ڪري عيد کانپوءِ آل پارٽيز ڪانفرنس جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون. ذريعن مطابق رابطي کانپوءِ اڄ شام جو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اختر مينگل ۾ ملاقات جو امڪان آهي. واضح رهي ته بلاول ڀٽو زرداري عيد کانپوءِ اَي پي سي جي حوالي سان مخالف ڌر جي پارٽين سان رابطا ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ بلاول ڀٽو، ن ليگ جي صدر شهبازشريف سان رابطو ڪيو ۽ عيد کانپوءِ پي ٽي آءِ حڪومت جي خلاف احتجاج تي اتفاق ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري جي پارٽي موجودهه پارليامينٽ جي ذريعي حڪومت جي تبديلي چاهي ٿي، جڏهن ته ن ليگ نين چونڊن جون ڳالهيون ڪندي رهي آهي.هاڻ مستقبل جو لائحه عمل جوڙڻ جو ڪم اَي پي سي حوالي ڪيو ويو آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔