دشمن جي ڪنهن به اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون:ايئر چيف

اسلام آباد: ايئر چيف انور مجاهد خان چيو آهي ته دشمن جي ڪنهن به اڳرائي جي صورت ۾ سامونڊي ۽ زميني فوج سان گڏمنهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهيون.

هوائي فوجي جي ترجمان موجب ايئر مارشل انور مجاهد خان پي اي ايف قادري تي جاري آپريشنل مشقن جو معائنو ڪيو ، ۽ عملي جي آپريشنل تيارين ۽ پيشيوارانا صلاحيتن تي اعتمادجو اظهار ڪيو .

ان موقعي تي خطاب ۾ ائير چيف انور مجاهد خان چيو پاڪستان جي ائير فورس علائقي جي اسٽريٽجڪ صورتحال کان واقف آهي ،۽ اسان دشمن پاران جنگي ساز سامان جي خريداري کان بي خبر ناهيون .

ائير چيف ڪشمير مسئلو فوري حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن موجب فوري حل ٿيڻ گهرجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔