ساهيوال ۽ پيران غائب ريفرنس: راجا پرويز جي بريت خلاف اپيل تي نوٽيس جاري

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ساهيوال ۽ پيران غائب ريفرنس ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف جي بريت خلاف نيب جي اپيل تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو. نيب پراسيڪيوٽر استدعا ڪئي ته احتساب عدالت جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. جوابدارن نيب ترميمي آرڊيننس مان غلط فائدو حاصل ڪيو. جسٽس عامر فاروق معلوم ڪيو ته نيب ترميمي آرڊيننس ڪڏهن آيو هو؟ نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته نيب ترميمي آرڊيننس ڊسمبر 2019 ۾ جاري ڪيو ويو.نيب آرڊيننس گزٽ آف پاڪستان ۾ اپريل 2020 ۾ شايع ٿيو،ان ترميمي آرڊيننس کي مس انٽرپريٽ ڪيو ويو. نيب پراسيڪيوٽر ڄاڻايو ته جوابدارن تي اختيارن جي غلط استعمال جو الزام آهي. احتساب عدالت راجا پرويز اشرف سميت ڏهن جوابدارن کي 2 رينٽل پاور ريفرنسز مان آجو ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔