سنڌ حڪومت پاران سسٽر رُٿ لوئس کي سول ايوارڊ ڏيڻ جو مطالبو

ڪراچي : سنڌ حڪومت سماجي ڪارڪن سسٽر رُٿ لوئس کي سول ايوارڊ ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سسٽر رٿ جون انسانيت لاءِ ڪيل خدمتن کي تاريخ هميشه ياد رکندي، سسٽر رٿ لوئس جي لاڏاڻي تي سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ هڪ منٽ جي خاموشي به اختيار ڪئي وئي. وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ڪابينا جي اجلاس دوران سماجي ڪارڪن رٿ لوئس جي خدمتن جي مڃتا طور کيس سول ايوارڊ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. وڏي وزير سسٽر رٿ لوئس کي ڀيٽا پي شڪندي چيو ته رٿ لوئس هميشه معذورن جي ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙيو، سندس خمتن کي تاريخ هميشه ياد رکندي. سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ سستر رٿ لوئس جي لاڏاڻي تي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. واضح رهي ته سماجي ڪارڪن سسٽر رٿ لوئس گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ ڪرونا وگهي لاڏاڻو ڪري وئي هئي….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔