عيد الاضحيٰ تي جانورن جي قرباني لاءِ ايس او پيز تيار ڪيون آهن: ناصر شاهه

ڪراچي : مڪاني کاتي واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته عيد الاضحيٰ تي جانرون جي قرباني لاءِ ايس او پيز تيار ڪيون ويون آهن، قرباني اجتماي طور ٿيڻ گهرجي، ڪنهن کي به انفرادي قرباني ڪرڻ جي اجازت نه هوندي نه وري روڊ رستن تي گندگي ڪچرو اڇلائڻ ڏنو ويندو. صوبائي وزير ناصر شاهه جار يڪيل بيان ۾ چيو آهي ته عيدالاضحيٰ تي جانورن جي قرباني لاءِ ايس او پيز تيا ڪيون ويون آهن. ايس او پيز تحت رڳو اجتماعي قرباني ڪري سگهجي ٿي ، ڪنهن کي به انفرادي قرباني جي اجازت نه هوندي. ناصر شاهه جو چوڻ هو ته قرباني جي جانرون جا اوجهه روڊ رستن تي اڇلائڻ جي به ڪنهن کي اجازت نه هوندي نه ئي وري ڪير قرباني جون کلون زبردستي وٺي سگهندو…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔