پرڏيهي ميڊيا جي وفد جو لائن آف ڪنٽرول جو دورو

اسلام آباد: پاڪستان جي اجازت کان پوءِ پرڏيهي ميڊيا جو وفد اڄ لائن آف ڪنٽرول جو دورو ڪيو پر ڀارت پاران دوري جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو.

ڀارت هڪ دفعو ٻيهر پرڏيهي ميڊيا کي ايل او سي جو دورو ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو پر ان جي ابتڙ پاڪستان پرڏيهي ميڊيا کي ايل او سي جو مڪمل دورو ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. پرڏيهي ميڊيا جو وفد اڄ لائن آف ڪنٽرول جي دوري لاءِ اسلام آباد مان روانو ٿيو. پاڪستان جي طرفان پرڏيهي ميڊيا ۽ گڏيل قومن جي فوجي مبصر مشن کي ايل او سي سميت مقامي آبادي تائين مڪمل پهچ ڏني پئي وڃي.

پرڏيهي صحافي چري ڪوٽ سيڪٽر ۾ فائر بندي معاهدي جي ڀارتي ڀڃڪڙين جو مشاهدو ڪندا. متاثر ماڻهن سان ملندا ۽ نقصانن جو به جائزو وٺندا. ٻئي طرف فرانسيسي صحافي پال ڪوميٽي پاڪستان مان لائن آف ڪنٽرول تائين آزادانه پهچ گهري جنهن تي کين ايل او سي قبائلي ضلعن، واهگا سرحد تائين آزادانه پهچ ڏني وئي. فرانسيسي صحافي پال ڪوميني کي  والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي  بربريت جي وڊيو ٺاهڻ تي 10 ڊسمبر 2017 تي سري نگر مان گرفتار ڪيو ويو هو بعد ۾ کيس ملڪ بدر ڪيو ويو.

ان کان علاوه سيڪريٽري جنرل يو اين انتونيو گوتيرس ڪورونا وبا سبب سڄي دنيا ۾ جنگبندي جي اپيل ڪئي پر ڀارت انهي اپيل تي ڌيان نه ڏنو ۽ جارحيت کان نه مڙيو. هلندڙ سال ڀارتي فورس جي ايل او سي تي ڀڃڪڙين سبب 14 معصوم شهيد ۽ 135 زخمي ٿيا. شهيدن ۾ 5 ٻار، 5 عورتون، 4 مرد شامل آهن جڏهن ته زخمين ۾ 36 ٻار، 44 عورتون ۽ 55 مرد شامل آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔