سپريم ڪورٽ يوٽيوب کي به بند ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ سوشل ميڊيا ۽ يوٽيوب تي اعتراض جوڳي مواد جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ يوٽيوب کي به بند ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي، جسٽس قاضي امين جو چوڻ آهي ته اسان جي ڪارڪردگي ۽ فيصلن تي عوام کي ڳالهائڻ جو پورو حق آهي، ڇا ايف آئي ايف ۽ پي ٽي اي ڏٺو آهي ته يوٽيوب تي ڇا ٿي رهيو آهي؟ جسٽس قاضي امين چيو ته گذريل ڏينهن اسان فيصلو ڏنو ۽ اهو يوٽيوب تي شروع ٿي ويو، جسٽس مشير عالم چيو ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ يوٽيوب بند آهي، امريڪا ۽ يورپي يونين جي خلاف مواد يوٽيوب تي رکي ڏيکاريو، سپريم ڪورٽ پرڏيهي وزارت ۽ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔