مريد عباس جي قاتلن پاران سزا کان بچڻ لاءِ ٺاهه جون ڪوششون شروع

ڪراچي: اينڪر مريد عباس جي قاتلن سزا کان بچڻ لاءِ ٺاهه جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن، جوابدار عاطف زمان مريد عباس جي زال زارا عباس کي مڙس جي ديت جي رقم وٺڻ لاءِ پيغام اماڻيو آهي ، زارا عباس مڙس جي قاتلن سان ٺاهه ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته عدالتن ۾ انصاف جي اميد آهي، مريد عباس جي قاتلن سان ڪنهن به صورت ۾ ٺاهه نه ٿو ٿي سگهي. اينڪر مريد عباس جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عاطف زمان سزا کان بچڻ لاءِ مريد عباس جي گهر واري زارا عباس ڏانهن ٺاهه لاءِ پيغام موڪليندي چيو آهي ته مريد عباس جي قتل جي دعيت جي رقم ڏيڻ لاءِ تيار آهيون ٺاهه ڪري معاف ڪيو وڃي. زارا عباس جوابدارن سان ٺاهه ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته کيس عدالتن مان انصاف جي اميد آهي قاتلن سان ڪنهن به صورت ۾ ٺاهه نه ٿو ٿي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔