بلاول پاران نيب بند ڪريو جي پڪار جو مطلب عوام کان ڦرلٽ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ آهي: شبلي فراز

اسلام آباد: سڌ سماءَ جي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز بلاول ڀٽو زرداري پاران نيب جي چيئرمين کي استعيفا ڏيڻ واري معاملي تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته بلاول پاران نيب بند ڪريو جي پڪار جو مطلب آهي ته اسان کي عوام کي ڦرلٽ ڪرڻ ڏني وڃي. ٽوئيٽ ڪندي شبلي فراز چيو ته بلاول جو مطلب آهي ته اسان کي عوام کي لٽڻ کان ڪوبه نه روڪي ۽ نه پڇي. هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ شبلي فراز چيو ته مطيع الله جان جي واپسي حفاظت سان ٿي آهي،مطيع الله لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته صحافين لاءِ سازگار ماحول تي پختو يقين آهي،آزاد ۽ ذميوار صحافت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون وٺون پيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔