سون ۽ ڊالر جي اڏام اڃان اوچي،سون في تولو 1600 ۽ ڊالر96 پئسا وڌي ويو

ڪراچي : سنڌ صرافا بازار جيولرز ايسوسئيشن موجب، سون جي في تولي اگهه ۾ 16 سئو رپيا واڌ بعد هڪ لک 11 هزار 250 رپيا ٿي ويو آهي. ڏهه گرام سون ۾ 13 سئو 71 رپيا واڌ بعد نئون اگهه 95 هزار379 رپيا ٿي ويو آهي. عالمي صرافه مارڪيٽ ۾ سون 7 ڊالر واڌ بعد 18 سئو 13 ڊالر في اونس تي پهچي ويو آهي. هوڏانهن اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان موجب انٽر بينڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي آمريڪي ڊالر 96 پيسا واڌ سان 168 رپيا 30 پيسن جو ٿي ويو آهي، جيڪا ملڪي تاريخ جي بلد سطح آهي. انٽر بينڪ جا اثر اوپن مارڪيٽ تي به پيا، جتي ڊالر هڪ رپيو 20 پيسا مهانگو ٿي 168 رپيا 80 پيسن تي پهچي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔