پيپلز پارٽي ڪا حيثيت نٿي رکي ته پوءِ وزيراعظم ڇو پريشان آهي:بلاول

اسلام آباد : فواد چوڌري جي بيان تي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي رد عمل ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ وارا چون ٿا ته پ پ جي تنقيد سان کين ڪو فرق نٿو پئي، سندن پارتي جي ڪا حيثيت ناهي. هن چيو ته هو اهڙن ماڻهن کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته پي ٽي آءِ ڇو سڄو وقت، وسيلا ۽ سياسي طاقت پيپلزپارٽي مٿا استعمال ڪئي؟. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي ڪا حيثيت نٿي رکي ته پوءِ وزيراعظم ڇو پريشان آهي، سندس دماغ تي هميشه پ پ ئي ڇو سوار رهي ٿي؟.پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته هو سنڌ کان ٻاهر خطرو ناهن ته پوءِ پي ٽي آءِ وارا پاڻ کي غيرمحفوظ ڇو پيا سمجهو پيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔