پيپلز پارٽي ۽ نوازليگ جو ڪو قد ڪاٺ نه آهي:وفاقي وزير فواد چوڌري

اسلام آباد :صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته پارلياماني نظام ۾ اڻ چونڊيل ماڻهو فيصلا ڪرڻ ۾ حصو نٿا وٺي سگهن. هن چيو ته آئين تحت ٻٽي شهري وارن جي اسيمبلي ۾ اچڻ تي پابندي آهي، ته هو ڪابينا جو حصو ڪيئن ٿي سگهن ٿا؟، آرٽيڪل 62 تحت اهي ڪابينا ۾ به نٿا ويهي سگهن. فواد چوڌري چيو ته حڪومت کي ڏکيائيون رڳو حڪومت مان ئي آهي، پ پ ۽ نون ليگ جو ڪو قد ڪاٺ نه آهي، نون ليگ کي خبر به ناهي ته انهن جي سرواڻي ڪير ڪندو. سندس چوڻ هو ته آصف علي زرداري وڏي محنت سان پ پ کي رڳو سنڌ جي پارٽي بڻائي، هاڻ بلاول رڳو ڪجهه شهرن جي پارٽي بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري پيو. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير چيو ته پي ٽي وي وٽ بزنس جو ڪو پلان نه آهي، رڳو فيس وڌائي وئي، ڪابينا ان جي فيس وڌائڻ جي منظوري نٿي ڏئي سگهي، هن خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. فواد چوڌري چيو ته اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي منظور ڪرائڻ ۾ هڪ سال لڳي ويندو، ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ ان بابت تفصيل جمع ڪرايا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔