سنڌ ۾ ڪورونا جا 546 نوان ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ هڪ لک 13 هزار 553 ٿي ويو

ڪراچي :سنڌ ۾ ڪورونا جا 546 نوان ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ هڪ لک 13 هزار 553 ٿي ويو، سنڌ ۾ ڪورونا وڌيڪ 26 مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، فوتين جو انگ 2019 ٿي ويو، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت جاري بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا جا 546 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 26 مريض فوت ٿي ويا آهن، ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 2019 ٿي ويو آهي، هن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 7069 ٽيسٽ ڪيا ويا، هن وقت تائين 649917 نمونا ٽيسٽ ڪيا ويا، هن وقت تائين 113553 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 26 مريض فوت ٿي ويا آهن، وڏي وزير چيو ته هن وقت 535 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ڪراچي ۾ 179 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، خيرپور ۾ 29، گهوٽڪي ۾ 21، سکر ۾ 18، ٽنڊو محمد خان ۾ 17، حيدرآباد ۾ 16، سجاول ۽ ڄامشورو ۾ 15، 15، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ۾ 13، 13 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، عمرڪوٽ ۽ مٽياري ۾ 9، 9 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، نوشهروفيروز ۾ 11 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، ميرپورخاص ۾ 7، دادو ۽ ٺٽي ۾ 44 ۽سانگهڙ ۾ 3 ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔