اليڪشن ڪميشن فيصل واوڊا خلاف ٻٽي شهريت واري ڪيس ۾ هڪ طرفي ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: ٻٽي شهريت لڪائڻ واري ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر فيصل واوڊا اليڪشن  ڪميشن ۾ پيش نه ٿيو.

چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾5 رڪني اليڪشن ڪميشن وفاقي وزير فيصل واوڊا جي خلاف ٻٽي شهريت لڪائڻ جي الزام ۾ نااهلي جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

فيصل واوڊا طرفان ڪوبه اليڪشن ۾ ڪميشن ۾ پيش نه ٿيو. اليڪشن ڪميشن درخواست ڏيندڙن کان درخواست ٻڌڻي جوڳي ٿيڻ کان اڳ جواب طلب ڪندي چيو آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي اوهان جواب جمع ڪرائي دليل ڏيو.

اليڪشن ڪميشن درخواست ڏيندڙن کي جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ 15 ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي. گذريل ٻڌڻي تي فيصل واوڊا جي وڪيل درخواستن جي ٻڌڻ جوڳو هجڻ تي اعتراض ڪيو هو.

فيصل واوڊا چونڊن ۾ اين اي 249 تان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي  سندس مٿان چونڊ ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت آمريڪي شهريت کي لڪائڻ جو الزام آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔