ڀارتي فوج جي ايل او سي تي فائرنگ، 20 ورهين جو نوجوان سخت زخمي

راولپنڊي:؛ڀارتي فوج هڪ دفعو ٻيهر ايل او سي تي  ڇتي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 20 ساله نوجوان سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾  اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي لائن آف ڪنٽرول تي باهه ۽ رت جي راند شروع ڪري ڇڏي آهي.

شهري آبادي کي ڳرن هٿيارن سان نشانو بنايو پيو وڃي  هن ڀيري  به ڀارتي فوج طرفان مٽيڪا ڳوٺ کي نشانو بنايو ويو جنهن  سبب 20 ساله نوجوان سخت زخمي ٿي پيو.

فائرنگ جو واقعو باگسر سيڪٽر ۾ پيش آيو. پاڪ فوج ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي دشمن جي توبن کي خاموش ڪرائي ڇڏيو. جڏهن ته زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي کيس آءِ سي يو ۾ منتقل ڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔