سي پيڪ جي ڪنهن به حصي جو ڪم بند ناهي ٿيو: عاصم سليم باجوه

اسلام آباد : سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل ريٽائرڊ عاصم سليم باجوه چيو آهي ته سي پيڪ جي ڪنهن به حصي جو ڪم بند ناهي ٿيو، اسان کي حڪم آهي ته سي پيڪ انتهائي اهم آهي، ان جي ڪنهن به پراجيڪٽ جو ڪم رُڪڻ نه گهرجي، گوادر ايئرپورٽ جي تعمير جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي. سينيٽر شيري رحمان جي صدارت هيٺ سي پيڪ بابت سينيٽ جي خصوصي ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل ريٽائرڊ عاصم سليم باجوه پاران بريفنگ ڏني وئي. سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين چيو ته حڪومت آزاد ڪشمير سان گڏ 100 کان وڌيڪ پراجيڪٽس تي صحيحون ڪيون آهن، اسان جو پلان هو ته قرض سان بهتر سيڙپڪاري وٺي اينداسين، اسان جو پلان آهي ته سستي بجلي لاءِ هائيڊل پراجيڪٽ لڪايو ويندو. هن چيو ته ڪوهالا پراجيڪٽ گذريل هفتي سائن ٿيو، هي گوادر جو 400 ميگاواٽ جو پراجيڪٽ آهي، جيڪو ليز جي مسئلي جَي ڪري ڦاٿل آهي، جڏهن ته بلوچستان جي علائقن ۾ مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پراجيڪٽس لڳائي رهيا آهيون. عاصمه سليم باجوه چيو ته وزيراعظم 17 بلين رپيا سدرن گرڊ لاءِ منظور ڪيا، گوادر پورٽ تي بجلي ايران مان اچي رهي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔