نيپرا پاران لوڊشيڊنگ ۽ واڌو بلز تي سڀاڻي کان عوامي ٻڌڻيون هلائڻ جو اعلان

اسلام آباد : نيپرا اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ واڌو بلز وارن معاملن تي سڀاڻي کان عوامي ٻڌڻيون هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. نيپرا ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب حيسڪو ۽ سپيڪو جي علائقن ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ واڌو بجلي بلز بابت عوامي ٻڌڻي سڀاڻي کان شروع ٿيندي. ترجمان جو چوڻ آهي ته حيسڪو ۽ سپيڪو جا صارفين سڀاڻي بجلي ڪمپنين خلاف شڪايتون داخل ڪرائي سگهن ٿا. ان کان علاوه پيسڪو، ٽيسڪو ۽ ڪيسڪو جا صارفين 22 جولاءِ تي شڪايتون ڏئي سگهندا، جڏهن ته 24 جولاءِ جي تاريخ ميپڪو ۽ ليپڪو جي علائقن ۾ لوڊشيڊنگ ۽ بجلي بلز بابت مقرر ڪئي وئي آهي. نيپرا جو چوڻ آهي ته اها ڳالهه نوٽيس ۾ آئي آهي ته ملڪ جي اڪثر حصن ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ وڌاو بلز اچي رهاي آهن، ان صورتحال سبب صارفين متاثر پيا ٿين، ڪرونا صورتحال کي نظر ۾ رکندي ٻڌڻي وڊيو لنڪ ذريعي هلائي ويندي….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔