انساني حقن بابت ڪميشن جي رپورٽ ڪرونا بابت دعوائن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا: مريم اورنگزيب

اسلام آباد : مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته انساني حقن بابت ڪميشن جي رپورٽ ڪرونا بابت حڪومتي دعوائن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن، ڪرونا ٽيسٽنگ گهٽائي عوام کي گمراهه ڪيو پيو وڃي. جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته “هينڊسم” وزيراعظم “سمارٽ لاڪ ڊائون” سبب عوام جي حياتين سان کيڏيو. هن چيو ته ڪرونا کي ڪڏهن فلو قرار ڏنو ويو، ڪڏهن سمارٽ لاڪ ڊائون ۽ اشرافيه لاڪ ڊائون جهڙن ڀاشن سان ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو. مريم اورنگزيب چيو ته پارلياماني ڪميٽي جو تڪڙو اجلاس گهرائي ڪرونا جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو وڃي. ن ليگي ترجمان چيو ته ٽيسٽنگ روڪي مختلف ۽ هٿ ٺوڪيا نتيجا ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، حڪومت جي لاپرواهي جي سزا عوام ڀوڳي رهيو آهي…….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔