سپريم ڪورٽ پاران ليز تي ڏنل زمينن جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ، پيٽرول پمپس، هوٽلس ۽ ريسٽورنٽ کي ليز تي ڏنل زمينن جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ريمارڪس ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جا قاعده قانون جـَي ابتڙ نڪتا ته ڪالعدم قرار ڏنا ويندا. چيف جسٽس، جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بينچ سموري ملڪ ۾ پيٽرول پمپس جي ليز بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت حڪم ڏنو ته جي ٽي روڊ جي چوڌاري ليز تي ڏنل زمين جا تفصيل پيش ڪيا وڃن، جڏهن ته پيٽرول پمپس، هوٽلس ۽ ريسٽورنٽ کي به ليز تي ڏنل زمين جا تفصيل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سپريم ڪورٽ اهو به حڪم ڏنو آهي ته ڪهڙين شرطن تي ۽ ڪڏهن ليز ڏني وئي، ان حوالي سان سمورو رڪارڊ پيش ڪيو وڃي. عدالت نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي چيئرمين کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي کيس جاري ڪيل سمورن لائسنس جو رڪارڊ به کڻي اچڻ جي هدايت ڪئي آهي. ججز رمارڪس ۾ چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي زمين جي مالڪ ناهي ته ليز تي ڪيئن ٿي ڏئي سگهي، جيڪڏهن اين ايڇ اي جا قاعده قانون خلاف نڪتا ته ڪالعدم قرار ڏنا ويندا. عدالت اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي…………

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔