ڪورونا وائرس سبب ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ملتوي

دبئي :ڪرڪيٽ جي شوقينن لاءِ خراب خبر سامهون آئي آهي، ڇو ته ڪورونا وائرس سبب هلندڙ سال آسٽريليا ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ملتوي ٿي ويو آهي.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جو اهم بورڊ اجلاس ويڊيو لنڪ تي ٿيو، جنهن ۾ هلندڙ سال آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ آسٽريليا ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.
آءِ سي سي موجب ورلڊ ڪپ ايونٽ هاڻ 2021 ۽ 2022 ۾ ٿيندا، انهن جي ميزبان ملڪن جو في الحال اعلان ناهي ڪيو ويو پر شيڊيول موجب 2021 جو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڀارت ۾ ٿيڻو هو.
ڀارت ۾ 2023 ۾ ٿيندڙ 50 اوورن جي ورلڊ ڪپ جون تاريخون به 6 مهينا اڳتي ڪيون ويون آهن، جيڪو هاڻ 2023 ۾ فيبروري ۽ مارچ بدران آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ کيڏيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔